سيٺ ٺاڪرداس گولومل

سيٺ ٺاڪرداس گولومل: سيٺ ٺاڪرداس، سکر جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڊرائنگ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيو. 1921ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. هندن ۾ درزڪي ڪم لاءِ چاهه پيدا ڪيائين. ٻه ڀيرا ميونسپل جو ميمبر ٿي رهيو. پراڻي سکر جي پبلڪ لئبرري، اپاشنا منڊلي، ڪرشنا منڊل ۽ ناري شال جي برپا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. سوديشي ۽ ’ڪانگريس‘ اخبارن جو ايڊيٽر رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو